ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي

ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي: عربن سنڌ جي شهر ديبل کي فتح ڪيو، اُن کان پوءِ اتي مدرسا کوليا ويا، جن ۾ پڙهندڙن کي ’ديبلي‘ سڏيو ويندو هو. ابوالعباس به ان حوالي سان ديبلي عالم ۽ محقق هو. هن علم جي اُڃ اُجهائڻ خاطر ڪيترائي ملڪ گهميا. وڏن عالمن کان حديثون ٻڌائين. ابوبڪر محمد بن اسحاق بن خزيم جي دور ۾، نيشاپور ۾ حسن بن يعقوب جي خانقاهه ۾ اچي رهيو ۽ اتي علم پرائيندو ۽ ڏيندو رهيو. رجب 343هه/954ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس حيره جي تاريخي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو